صابر سومرو

صابر سومرو: ‘تحفة الڪرام’ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته “بٺوري پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ هٽڙيءَ جو نامور صوفي بزرگ درويش صابر سومرو وڏو عالم، سير و سلوڪ جو صاحب ۽ مخدوم نوح سرور رحمة الله عليه جي فيض جي نظر جو خاص نوازيل هو. درويش صابر ڪمال وارن خوبين جو مالڪ هو.” مير علي شير قانع ٺٽويءَ هن جي وفات ۽ ڄم بابت ڪا به معلومات نه ڏني آهي.


لفظ صابر سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو